پاڪستان ۾ڪورونا وگهي وڌيڪ 84 ماڻهو فوت، وائرس جا 2 هزار 142 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد : پاڪستان ۾ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 84 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته وائرس جا 2 هزار 142 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب ملڪ ۾گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 84 مريض فوت ٿي ويا. وائرس جا 2 هزار 142 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ وڌي 4 لک 62 هزار 814 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ڪورونا وائرس سبب سنڌ ۾27 پنجاب ۾ 44 ۽ خيبر پختونخواهه ۾ 10  ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا. مختلف علائقن ۾ڪورونا مريضن جي فوتگين بعد وائرس وگهي حياتيون وڃائيندڙن جو انگ وڌي 9 هزار 557 ٿي ويو آهي. ملڪ ۾4 لک 15 هزار 352 ماڻهو وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔