تمام جلد وڌيڪ هڪ اسلامي ملڪ لاڳاپا قائم ڪندو: اسرائيل

تل ابيب : اسرائيل جي علائقائي سهڪار واري وزير اوفير اڪونيس دعويٰ ڪئي آهي ته تمام جلد وڌيڪ هڪ اسلامي ملڪ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ وارو آهي.
وائيٽ هائوس جي ٽياڪڙي ۾ هلندڙ سال اسرائيل چئن مسلمان ملڪن سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا آهن، جن ۾ گڏيل عرب امارتون، بحرين، سوڊان ۽ مراڪش شامل آهن پر هاڻ اسرائيل چيو آهي ته هڪ ٻيو مسلمان ملڪ به اسان سان لاڳاپا بحال ڪري سگهي ٿو.
اوفير اڪونيس موجب ٽرمپ جي اقتدار دوران پنجين مسلمان ملڪ طرفان به اسرائيل سان لاڳاپن جي بحالي جو اعلان ڪري سگهجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔