بابر ۽ امام کانپوءِ شاداب به نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ کان ٻاهر

لاهور: قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ اوپنر امام الحق کانپوءِ آل رائونڊر شاداب خان به نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ کان ٻاهر ٿي ويو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب شاداب خان نيوزيلينڊ خلاف آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ کانپوءِ کاٻي ڄنگهه ۾ تڪليف جي دانهن ڪئي، سڀاڻي ترنگا ۾ ان جو ايم آر آءِ اسڪين ڪرايو ويندو، جنهن جي رپورٽ کانپوءِ ئي خبر پوندي ته کيس ڪرڪيٽ ۾ واپسي لاءِ ڪيترو وقت گهربل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔