ڪورونا جي نئين قسم سبب ڪيترن ئي ملڪن جو برطانيا جي سفر تي پابندي جو فيصلو

لنڊن: ڪورونا وائرس جي نئين قسم جي پکيڙ جي خدشي سبب ڪينيڊا، ڀارت ۽ ڪيترن ئي يورپي ملڪن برطانيا جي سفر تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
ڪورونا وائرس جو نئون قسم دريافت ٿيڻ کانپوءِ برطانوي حڪومت پڻ سخت قدم کنيا آهن.
ان حوالي سان برطانوي وزيراعظم بورس جانسن جو چوڻ هو ته ڪورونا جو نئون قسم 70 سيڪڙو تائين ٻين تائين پکڙجڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
فرانس، جرمني، اٽلي، هالينڊ، آسٽريا، آئرلينڊ، بيلجيئم ۽ بلغاريا طرفان فضائي، بحري ۽ زميني رستن تان اڃ وڃ بند ڪرڻ جي نتيجي ۾ برطانيا لاءِ خوراڪ ۽ دوائن جهڙين ضروري شين جي پهچ متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔