ڪورونا جو نئون قسم: سعودي عرب عالمي اڏامون معطل ڪري ڇڏيون

رياض : سعودي عرب ڪورونا وائرس جي نئين قسم جي خدشي سبب ايندڙ هڪ هفتي لاءِ عالمي اڏامون معطل ڪري ڇڏيون.
سعودي گهرو وزارت موجب ملڪ ۾ زميني رستن ۽ بندرگاهن ذريعي داخلا به هڪ هفتي لاءِ بند ڪئي پئي وڃي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جي نئين قسم بابت وڌيڪ ڄاڻ واضح ٿيڻ تائين شهرين جي صحت جي حفاظت يقيني بڻائڻ لاءِ اهي قدم کنيا ويا آهن.
سعودي اختيارين موجب حالتون بهتر نه ٿيڻ جي صورت ۾ انهن پابندين ۾ واڌ به ڪري سگهجي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔