ملڪ ۾ ڪٿي به گيس لوڊشيڊنگ نه پئي ڪئي وڃي: پيٽروليم ڊويزن جي دعويٰ

اسلام آباد: پيٽروليم ڊويزن واضح ڪيو آهي ته ملڪ ۾ ڪٿي به گهريلو، صنعتي ۽ ڪمرشل صارفين لاءِ گيس لوڊشيڊنگ نه پئي ڪئي وڃي. جاري ڪيل بيان ۾ پاور ڊويزن جي ترجمان چيو ته 18 ڊسمبر لاءِ شيڊول ايل اين جي ڪارگو اڄ پهچي ويندو. ترجمان ٻڌايو ته مختلف علائقن ۾ گيس پريشر ۾ گهٽتائي جو ن شڪايتون مليون آهن. ترجمان واضح ڪيو ته سوئي سدرن ۽ ناردرن ڪمپنيون گيس سپلاءِ پوزيشن کي نارمل رکڻ ۾ سرگرم آهن. واضح رهي ته ملڪ جي سمورن علائقن ۾ گيس جو پريشر گهٽ آهي، جنهن سبب گهر ۾ کاڌو نه پچي رهيو آهي ۽ شهرين هوٽلن تان مهانگو کاڌو خريد ڪري گذارو ڪري رهيا آهن…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔