ميشا شفيع خلاف ايف آءِ اي جي رپورٽ غير منصفاڻي قرار

ڪراچي: وومين ايڪشن فورم گلوڪارا ميشا شفيع خلاف وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) جي رپورٽ غير منصفاڻي قرار ڏئي ڇڏي.
وومين ايڪشن فورم طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ميڊيا تي اهو تاثر پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ بي بنياد مهم هلائي پئي وڃي ته ميشا شفيع تي گلوڪار علي ظفر خلاف توهين جوڳي مهم هلائڻ جو الزام ثابت ٿي ويو آهي.
پڌرائيءَ موجب ايف آءِ اي وٽ ڪنهن کي به ڏوهي يا معصوم قرار ڏيڻ جو اختيار ناهي، اهو اختيار عدالت وٽ آهي.
واضح رهي ته 2 ڏينهن اڳ ايف آءِ اي علي ظفر خلاف سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم جي جاچ مڪمل ڪندي گلوڪارا ميشا شفيع ۽ اداڪارا عفت عمر سميت ٻين کي ڏوهي قرار ڏنو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔