بابر ۽ امام ڪيويز خلاف پهرين ٽيسٽ کان ٻاهر، رضوان ڪپتاني ڪندو

لاهور: نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ 17 رڪني پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ بابر اعظم شامل ناهي.
قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم آڱوٺي جي انجري سبب ٽي ٽوئنٽي سيريز کان ٻاهر ٿي ويو هو، جيڪو زخمي هجڻ سبب نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ پڻ نه کيڏي سگهيو، ان سان گڏوگڏ آڱوٺي جي انجري سبب امام الحق پڻ ڪيويز خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ کان ٻاهر ٿي ويو آهي.
ٽيم مئنيجمينٽ بابر اعظم جي غير موجودگي ۾ نائب ڪپتان محمد رضوان کي ڪپتاني ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پهريون ڀيرو ڪپتاني ڪندي نظر ايندو.
نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ 17 رڪني اسڪواڊ ۾ محمد رضوان (ڪپتان)، سرفراز احمد، شاداب خان، عابد علي، اظهر علي، شان مسعود، فواد عالم، سهيل خان، ياسر شاهه، محمد عباس، عمران بٽ، حارث سهيل، نسيم شاهه، شاهين آفريدي ۽ فهيم اشرف شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔