نيلم منير ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿي وئي

ڪراچي :من موهڻي اداڪارا نيلم منير ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿي وئي.
سوشل ميڊيا تي ويڊيو پيغام ذريعي نيلم منير پنهنجي چاهيندڙن کي ٻڌايو ته الله پاڪ مون تي ڏاڍو ڪرم ڪيو آهي، ڇو ته منهنجي ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري اچي وئي آهي.
هن الله پاڪ جو شڪر ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن سڀني ماڻهن جا پڻ ٿورا مڃيا، جن سندس صحتيابيءَ لاءِ دعائون ڪيون.
اداڪارا اهو به چيو ته مان جلد پنهنجي ايندڙ ويڊيو پيغام ۾ ٻڌائينديس ته مون کي ڪهڙيون علامتون هيون ۽ پنهنجو خيال ڪيئن رکيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔