جي 20 ملڪن پاڪستان جي قرض ادائيگي معطل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ڪري امير ملڪن جي گروپ جي 20 پاڪستان جي ذمي رهيل 1.7 ارب ڊالر قرض جي ادائيگي معطل ڪري ڇڏي آحي جنهن سان پاڪستان کي وڏي سهولت ملندي.
تفصيل موجب جي 20 ملڪن طرفان ڊيٽ سروس جي معطلي لاءِ پاڪستان فرانس، چين ۽ سوئٽرزلينڊ سان ڊيٽ جي ري شيڊولنگ لاءِ معاهدي تي صحيح ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان جي 20 ملڪن جي ڊيٽ سروس جي معطلي جي سهولت مان فائدو کڻڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون. سهولت تحت پاڪستان کي 1.7 بلين ڊالرز جي قرض ادائيگي معطل رهندي.
اقتصادي معاملن واري وزارت موجب پاڪستان جي 20 ملڪن کان مئي کان ڊسمبر 2020ع جي عرصي لاءِ 1 ڏهائي 8 بلين ڊالر جي قرض واپسي ۾ ريليف جي اميد ڪري رهيو هو. ان ۾ 1.47 بلين ڊالر قرض جي اصل رقم ۽ 232 ملين ڊالر جو وياج شامل آهي. ڪورونا جي ناڪاري اثرن کان محفوظ رهڻ لاءِ جي 20 ملڪن ڊيٽ سروس جي معطلي جي سهولت جو آغاز ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔