ڪراچي: ٽرانسپورٽ کاتي لاجسٽڪس پارڪ جي قيام ۽ 500 اليڪٽرڪ بسز جي خريداري وارن منصوبن جي سنڌ ڪابينه کان منظوري وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اهو فيصلو سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ايس ايم ٽي اي بورڊ جي اجلاس ۾ ڪيو ويو.
اجلاس ۾ صوبي ۾ ماس ٽرانزٽ نظام جي واڌ، جديد ۽ ماحول دوست پبلڪ ٽرانسپورٽ کي هٿي، لاجسٽڪس پارڪ جي قيام ۽ 500 اي وي بسز جي خريداري سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
اجلاس ۾ ايس ايم ٽي اي بورڊ جي ميمبرن، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ايم ڊي ايس ايم ٽي اي بهزاد ميمڻ، ڊي آئي جي ٽريفڪ پير محمد شاهه ۽ ٻيون لاڳاپيل اختياريون شريڪ ٿيون.
انهي موقعي تي ٽرانسپورٽ جي شعبي بابت مختلف انتظامي، ٽيڪنيڪي ۽ عملي معاملا، ماس ٽرانزٽ منصوبن جي اڳڀرائي ٽريفڪ مينجمينٽ ۽ شهرين کي جديد سفري سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته لاجسٽڪس پارڪ جي قيام ۽ 500 اي وي بسز جي خريداري لاءِ ضروري ڪارروائي مڪمل ڪندي سنڌ ڪابينه کان منظوري حاصل ڪئي ويندي. انهي کان علاوه ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ جاري ۽ مستقبل جي منصوبن جي مختلف تجويزن تي به غور ڪيو ويو.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت طرفان لاجسٽڪس پارڪ جو قيام ڪراچي جي شهرين لاءِ هڪ انقلابي ڪم هوندو. لاجسٽڪس پارڪ جي تعمير سان شهر ۾ هيوي ٽريفڪ جو دٻاءُ وڏي پيماني تي گهٽ ٿي ويندو. هن چيو ته لاجسٽڪس پارڪ جو قيام صوبي ۾ ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪس جي شعبي کي جديد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. شرجيل ميمڻ لاڳاپيل اختيارين کي منصوبن جي حوالي سان ضروري ٽيڪنيڪي ۽ انتظامي ڪارروائي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جديد پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ حڪومت جي اوليت ۾ شامل آهي. وڌيڪ اي وي بسز جي اچڻ سان ڪراچي جي شهرين کي بهترين سفري سهولتون ملي سگهنديون.
تبصرے بند ہیں۔