اسلام آباد : وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار ۽ عالمي سطح تي تيل جي فراهمي ۾ خلل جي خدشن جي ڪري تيل جي قيمتن ۾ اضافو جاري رهيو. رائٽرز جي مطابق برينٽ ڪروڊ فيوچر 34 سينٽ يا 0.35 سيڪڙو وڌي 97.34 ڊالر في بيرل ٿي ويو، جڏهن ته يو ايس ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ (ڊبليو ٽي آءِ) ڪروڊ 1.15 ڊالر يا 1.26 سيڪڙو وڌي 92.63 ڊالر في بيرل ٿي ويو.آمريڪي حملي جو جواب ڏيڻ جي ايران جي ڌمڪي وچ اوڀر ۾ ڊگهي تڪرار بابت خدشا پيدا ڪيا آهن، جنهن جي ڪري عالمي سطح تي تيل جي فراهمي وڌيڪ متاثر ٿي آهي.گذريل سيشن ۾ برينٽ ڪروڊ 24 جولاءِ کان پوءِ پنهنجي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
تبصرے بند ہیں۔