عراق ۾ آمريڪي سفارتخاني تي راڪٽ حملو، ڪو جاني نقصان نه ٿيو

بغداد: عراق جي راڄڌاني جي گرين زون ۾ واقع آمريڪي سفارتخاني تي 8 راڪٽ هنيا ويا جنهن ڪري عمارتن ۽ اتي بيٺل گاڏين کي شديد نقصان پهتو.
عالمي خابرو اداري موجب بغداد ۾ آمريڪي سفارتخاني تي 8 ڪتيوشا راڪٽس ڪريا، ٽئي راڪيٽ سفارتخاني جي رهائشي ڪمليڪس کي لڳا جنهن سبب عمارت کي ڪافي نقصان پهتو ۽ اتي موجود ڪيترو ئي گاڏيون تباهه ٿي ويون.
عراق جي سيڪيورٽي عملدارن ميڊيا کي ٻڌايو ته راڪٽ حملن جي نتيجي ۾ ڪنهن قسم جو ڪو جاني نقصان نه ٿيو، راڪٽ شڪن نظام هڪ راڪٽ کي هوا ۾ ئي ناڪاره بڻائي ڇڏيو، هن واقعي جي ذميواري ڪنهن به گروپ ناهي قبولي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔