ڀارتي ٽئين ڪلاس جي شاگردياڻي مختلف ملڪن جون هزارين ماچس جون ڊٻيون جمع ڪري ورتيون

نئين دهلي: ٽئين ڪلاس جا ٻار عام طور تي راند روند ۽ تصويرون ٺهرائي يادگيري جي طور تي محفوظ ڪرڻ ۾ مشغول رهندا آهن پر ڀارتي رياست اڙيسه جي شهر بهوبنيشور سان تعلق رکندڙ ٽئين ڪلاس جي ٻارڙي ڊبيانشي کي ماچس جون خالي ڊٻيون جمع ڪرڻ جو شوق آهي ۽ کيس ننڍي عمر کان ئي دنيا جي مختلف ملڪن جون 5000 ماچس جون ڊٻيون جمع ڪري رکيون آهن.ڊبيانشي جو چوڻ آهي ته هو ماچس جون ڊٻيون جمع ڪرڻ جي لاءِ دنيا جي سمورن ملڪن ۾ ته نٿي وڃي سگهي پر مختلف ملڪن ۾ رهندڙ پنهنجي مائٽن کي چوندي آهيان ته جڏهن به اچو ته منهنجي لاءِ ماچس جون ڊٻيون ضرور کڻي اچجو. ٽئين ڪلاس جي ٻارڙي جو چوڻ هو ته مون کي اهو شوق جنگي جانورن جون تصويرون ٺاهيندڙ پنهنجي پيءُ فوٽو گرافر جي ڪري ٿيو ڇو جو هو جتي به ويندو هو اتان کان ماچس جون ڊٻيون گڏ ڪري کڻي ايندو هو.ڇوڪري جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ماچس جي ڊٻين کي بهتر طريقي سان جمع ڪري ان جون ڪيتريون ئي ٿيمز ٺاهي رکيون آهن.ڊبيانشي جو چوڻ آهي ته ماچس جون ڊٻيون مان پنهنجي فارغ وقت ۾ جمع ڪندي آهيان ۽ ان ڪم ۾ منهنجو پيءُ به منهنجي مدد ڪندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔