حرا قيصر ‘پاڪستان آئيڊل ‘ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو

لاهور: موسيقيءَ جو سڀ کان وڏو مقابلو ‘پاڪستان آئيڊل’ فيصل آباد جي حرا قيصر کٽي ورتو آهي. پاڪستان آئڊل شاندار طريقي سان اختتام پذير ٿي ويو. اختتامي تقريب ۾ پاڪستان آئيڊل جي فاتح جو اعلان ڪيو ويو. ججن جي متفقه فيصلي سبب پاڪستان آئڊل 2026ع جو ٽائيٽل حرا قيصر پنهنجي نالي ڪري ورتو. سپر فنالي ۾ سخت مقابلو ٿيو، عالمي شهرت يافته ڳائڻي عاطف اسلم پڻ خصوصي پرفارمنس ڏني. ڪراچي ۽ فيصل آباد جي سينما گهرن ۾ فائنل لاءِ خصوصي اسڪريننگ جو اهتمام ڪيو ويو هو.پاڪستان آئڊل جو ٽائيٽل کٽيندڙ حرا قيصر جو تعلق هڪ وچولي (مڊل ڪلاس) گهراڻي سان آهي. هن سڄي مقابلي دوران شاندار پرفارمنس ڏيکاري ماڻهن ۽ ججن جا دل کٽي ورتا.حرا قيصر ڳالهائيندي چيو ته هاڻي هوءَ پنهنجا خواب پورا ڪندي، هن چيو ته سندس اها ڪاميابي سندس والدين ۽ گهر وارن جي دعائن سبب ممڪن ٿي آهي.مشهور ڳائڻي ۽ پاڪستان آئيڊل جي جج راحت فتح علي خان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ بيشمار ٽيلنٽ موجود آهي، پاڪستان آئڊل جهڙا وڌيڪ پليٽ فارم سامهون اچڻ گهرجن.

تبصرے بند ہیں۔