براؤزنگ عالمي خبرون
عالمي خبرون
سعودي عرب برطانيه سان سفري پابندين ۾ وڌيڪ هڪ هفتي جي واڌ ڪري ڇڏي
رياض: سعودي عرب برطانيه سان سفري پابندين ۾ وڌيڪ هڪ هفتي جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.عرب ميڊيا موجب برطانيه سان زميني، هوائي ۽ سامونڊي رابطا وڌيڪ هڪ هفتي جي لاءِ معطل رهندا.عرب ميڊيا جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته پابندين ۾ واڌ نئين قسم جي ڪورونا وائرس!-->…
ڀارت ۾ هارين جواحتجاج، ڌرڻي ۾ هڪ ٻئي هاريءَ خودڪشي ڪري ڇڏي
نئين دهلي: مودي حڪومت خلاف ڀارت ۾ هارين جي احتجاج شدت اختيار ڪري ورتي آهي، ڌرڻي ۾ هڪ ٻئي هاريءَ خودڪشي ڪري ڇڏي آهي.
تڪراري زرعي قانون خلاف ڀارت ۾ هارين جا مظاهرو جاري آهن، دلي ۽ ان جي ڀرپاسي هاري هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصي کان ڌرڻو هڻي ويٺل!-->…
ڪورونا جي رپورٽنگ تي چيني صحافڻ کي 4 سال قيد جي سزا
بيجنگ: چين ۾ ڪورونا جي رپورٽنگ تي هڪ صحافڻ کي 4 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ان صحافڻ ووهان جهڙي ڳچ آبادي واري شهر ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ جي حوالي سان رپورٽ ڪئي هئي. سندس وڪيل موجب 37 ورهين جي زانگ زان خلاف اهو فيصلو شنگهائي ۾ هڪ مختصر!-->…
هزارين اسرائيلي شهرين جو هڪ ڀيرو ٻيهر نيتن ياهو خلاف احتجاج
تل ابيب : اسرائيل ۾ هزارين ماڻهن هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم نيتن ياهو خلاف احتجاج ڪيو آهي. رپورٽن موجب يروشلم ۾ نيتن ياهو جي آفيس ٻاهران وڏي انگ ۾ ماڻهو گڏ ٿيا، جڏهن ته ٻين شهرن ۾ پڻ احتجاج ڪيو ويو. ان دوران پوليس احتجاج ڪندڙ ڪيترن ئي ماڻهن کي!-->…
ايران ۾ برفاني طوفان سبب 10 ڄڻا فوت، ڪيترائي گم
تهران : ايراني تخت گاهه تهران جي اترين جابلو علائقي ۾ برفاني ڇِپون ڪرڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا. ايراني سرڪاري ٽي وي موجب برفاني طوفان سان 4 مختلف علائقا متاثر ٿيا آهن ۽ امدادي ٽيمون گم ٿيلن جي ڳولا ۾ رڌل آهن. البروز جابلو سلسلي ۾!-->…
اسرائيل سان بهتر لاڳاپن جا خواهشمند آهيون: ترڪ صدر
استنبول : ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته اسرائيل مان بهتر لاڳاپن جا خواهشمند آهيون پر فلسطين پاليسي اسان جي ريڊ لائن آهي. گذريل ڏينهن 2 سالن کان پوءِ ترڪي اسرائيل ۾ پنهنجو سفير واپس مقرر ڪيو ۽ ان عرصي ۾ ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا ڪجهه بهتر نه!-->…
ايران آمريڪا کان اهم منظوري وٺڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي
واشنگٽن: آمريڪا ايران کي ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ فنڊ ٽرانسفر جي اجازت ڏئي ڇڏي. عالمي ميڊيا جي رپورٽن موجب ايراني سينٽرل بينڪ جي سربراهه ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا ايران کي ٻين ملڪن کان ڪورونا ويڪسين خريدڻ لاءِ فنڊ ٽرانسفر جي!-->…
نائجر ۾ فوجي گاڏي تي حملو، 7 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا
نيامي : آفريقي ملڪ نائجر جي اولهه حصي ۾ هڪ فوجي گاڏي تي حملي جي نتيجي ۾ 7 فوجي مارجي ويا. نائجر جي فوج طفان جاري ڪيل بيان موجب تيلابيري جي علائقي ۾ موٽر سائيڪلن تي سوار دهشتگردن هڪ فوجي گاڏي کي نشانو بڻايو. بيان ۾ ٻڌايو ويو ته حملي ۾ 7!-->…
ڊونلڊ ٽرمپ جي ايران کي تازي ڌمڪي
واشنگٽن: ڊونلڊ ٽرمپ عراقي تخت گاهه بغداد ۾ قائم آمريڪي سفارتخاني تي راڪيٽ حملن جو الزام ايران تي هڻندي چيو آهي ته ڪنهن به آمريڪي اهلڪار جو موت برداشت نه ڪنداسين. ٽوئيٽ تي پنهنجي پيغام ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن هڪ به آمريڪي اهلڪار ماريو!-->…
دنيا ۾ قاتل وائرس ڪورونا جا وارجاري، هيل تائين 17 لک 36 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت
ڪراچي : دنيا ۾ قاتل وائرس ڪورونا جا وار جاري آهن ، هيل تائين 17 لک 36 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا ، متاثرن جو انگ 7 ڪروڙ 90 لک کان وڌي ويو، امريڪا ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 3 هزار 357 ماڻهو فوت، متاثرن جو انگ هڪ ڪروڙ 89 لک ٿي ويو، ڀارت ۾ وڌيڪ!-->…