ايران ۾ برفاني طوفان سبب 10 ڄڻا فوت، ڪيترائي گم

تهران : ايراني تخت گاهه تهران جي اترين جابلو علائقي ۾ برفاني ڇِپون ڪرڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ايراني سرڪاري ٽي وي موجب برفاني طوفان سان 4 مختلف علائقا متاثر ٿيا آهن ۽ امدادي ٽيمون گم ٿيلن جي ڳولا ۾ رڌل آهن.
البروز جابلو سلسلي ۾ اهي برفاني ڇِپون ڪرڻ جو واقعو جمعي ڏينهن سخت برفباري ۽ تيز هوائون گهلڻ کانپوءِ پيش آيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔