هزارين اسرائيلي شهرين جو هڪ ڀيرو ٻيهر نيتن ياهو خلاف احتجاج

تل ابيب : اسرائيل ۾ هزارين ماڻهن هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم نيتن ياهو خلاف احتجاج ڪيو آهي.
رپورٽن موجب يروشلم ۾ نيتن ياهو جي آفيس ٻاهران وڏي انگ ۾ ماڻهو گڏ ٿيا، جڏهن ته ٻين شهرن ۾ پڻ احتجاج ڪيو ويو.
ان دوران پوليس احتجاج ڪندڙ ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار به ڪيو.
واضح رهي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو خلاف بدعنواني جو هڪ ڪيس هلي رهيو آهي ۽ ڪيتري ئي وقت کان ان خلاف احتجاجي مظاهرا ٿيندا رهندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔