شاداب خان انجريءَ سبب ڏکڻ آفريقا خلاف سيريز کان به ٻاهر

لاهور : قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو آل رائونڊر شاداب خان ڄنگهه ۾ تڪليف سبب نيوزيلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۽ ڏکڻ آفريقا خلاف سيريز کان به ٻاهر ٿي ويو.
شاداب خان کي نيوزيلينڊ خلاف آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ دوران ڄنگهه ۾ تڪليف ٿي هئي، جنهن سبب هو نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ کان به ٻاهر ٿي ويو هو.
هاڻ شاداب خان جي ايم آر آءِ اسڪين ڪرائي وئي آهي ۽ ان جي رپورٽ جي روشني ۾ کيس ڊاڪٽرن 6 هفتا آرام جي صلاح ڏني آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب آل رائونڊر شاداب خان پنهنجي کاٻي ڄنگهه ۾ انجري سبب 6 هفتن لاءِ ڪرڪيٽ کان پري ٿي ويو آهي، جنهن سبب هو نيوزيلينڊ خلاف آخري ٽيسٽ ميچ ۽ ڏکڻ آفريقا خلاف هوم سيريز کان به ٻاهر ٿي ويو آهي.
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 3 کان 7 جنوري تائين ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز 27 جنوري کان 14 فيبروري تائين شيڊيول آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔