واٽس جو 2021ع ۾ وڏين تبديلين جو اعلان

واٽس ايپ نئين سال ۾ پنهنجي خدمتن ۾ وڏين تبديلين جو فيصلو ڪري ورتو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب انسٽنٽ ميسيجنگ جي مشهور ترين ويب سائيٽ واٽس ايپ 2021ع ۾ ڪيتريون ئي اهم تبديليون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
جيتوڻيڪ ان ۾ گھڻين تبديلين جو هلندڙ سال امڪان هو پر ڪورونا سبب پيدا ٿيل عالمي بحران جي ڪري 2020ع ۾ ڪجهه تبديليون ملتوي ڪيون ويون.
هاڻ واٽس ايپ اهم مختلف تبديلن جي منصوبابندي ڪري ورتي آهي پر انهن مان سڀ کان اهم ترين تبديلي اها آهي ته واٽس ايپ ويب تي به ڪال ۽ وڊيو ڪال جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. ان حوالي سان پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي واٽس ايپ ترجمان اعلان ڪيو هو ته ايندڙ سال واٽس اها سروس متعارف ڪرائي ڇڏيندو ۽ ان سروس کي متعارف ڪرائڻ کان پوءِ واٽس ايپ وڊيو ڪالنگ ايپ زوم ۽ گوگل ميٽ جي ٽڪر مقابلي ۾ اچي سگھي ٿو.
ٻي پاسي هڪ ٻي اهم تبديلي جو به امڪان اهي ته بيٽا آءِ او ايس جي اپ ڊيٽ کان پوءِ واٽس ايپ ۾ هڪ کان وڌيڪ وڊيوز ۽ تصويرون پيسٽ ڪري سگھبيون. ان کان سواءِ ايندڙ واٽس ايپ جي رازداري يا پرائيويسي جا شرط به تبديل ڪيا پيا وڃن.
پرائيويسي بابت واٽس ايپ جي شرطن ۾ تبديلي جا فيبروري تائين امڪان آهن. ان حوالي سان هن وقت تائين ڪن به واضح تبديلين جو اعلان ناهي ڪيو ويو پر سمورن واهپيدارن تي اهڙين شرطن کي تسليم ڪرڻ ضروري هوندو.
ان کان سواءِ ايندڙ سال واٽس ايپ جي هڪ ئي اڪائونٽ کي مختلف ڊوائيسز ۾ استعمال ڪ رڻ جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ به منصوبابندي ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔