پاڪستاني اداڪاره صنم جنگ ۽ ان جي ڌيءَ ڪورونا کي شڪست ڏئي ڇڏي

لاهور: اداڪاره ۽ ميزبان صنم جنگ ۽ ان جي ڌيءَ علايه ڪجهه ڏينهن ۾ ئي عالمي وبا ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويون آهن.اداڪاره پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڌيءَ علايه سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪئي ۽ پنهنجي چاهيندڙن کي ٻڌايو ته هاڻ اسان ٻئي ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿي چڪيون آهيون.صنگ جنگ ٻڌايو ته الحمدالله علايه ۽ مان ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿي ويون آهيون. اسان ان ماڻهن جو ٿورو ادا ڪرڻ چاهيون ٿا جنهن اسان جي لاءِ دعائون ڪيون.هن چيو ته هي پوسٽ ان لاءِ آهي ته مان اوهان سڀني کي ٻڌائي سگهان ته اسان ٻئي صحتمند آهيون. ياد رهي ته اداڪار صنم جنگ کان اڳ اداڪاره نيلم منير به ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿي چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔