گرم پاڻي سان ڊگهو غسل، جاپانين جي وڏي عمر جو راز

ٽوڪيو: محققين جو چوڻ آهي ته جاپان ۾ ماڻهن جي ڊگهي ۽ صحتمند زندگي جو هڪ امڪاني سبب اهو آهي ته 80 سيڪڙو جاپاني دير تائين گرم پاڻي ۾ ليٽيل رهندا آهن.ميڊيا رپورٽ موجب ٽوڪيو سٽي يونيورسٽي جي پروفيسر ۽ ميڊيڪل ڊاڪٽر شينيا باياساڪا ٻن ڏهاڪن تائين ڊگهي غسل ۽ چشمن مان نڪرندڙ گرم پاڻي ۾ دير تائين وهنجڻ جي ڊگهن فائدن جو مطالعو ڪيو آهي.هن جو چوڻ آهي ته گرم پاڻي سان وڌيڪ دير تائين غسل جا 3 بنيادي فائدا آهن. هڪ حدت، ٻيو پاڻي ۾ ترڻ جي تيزي سان صلاحيت ۾ واڌ ۽ هائيڊروسٽينگ پريشر، ان کان علاوه صحت ۽ صفائي جا فائدا به ڌار ٿيندا آهن.جاپان جي ماڻهن جو اهو مڃڻ آهي ته جيڪڏهن گرم پاڻي سان دير تائين غسل ڪيو وڃي ته ان سان ماڻهو ڪيترين ئي بيمارين کان به بچي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔