ڪورين ڪمپني ڪپڙن کي سينيٽائزر ڪندڙ ايئر ڊريسر تيار ڪري ورتو

ڪوريا:جڏهن کان ڪورونا وائرس عالمي پکيڙ جي شڪل اختيار ڪئي آهي ان وقت کان ئي ڪيتريون ئي ٽيڪنالاجي ڪمپنيون وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ سرگرم نظر اچي رهيون آهن.ڪيترين ئي ڪمپنين طرفان جديد ماسڪ تيار ڪيا پيا وڃن ته اتي ڪجهه ڪمپنيون اهڙا پروڊڪٽس به پيش ڪري رهيون آهن جنهن سان جراثيم جي پکيڙ ڪافي حد تائين گهٽ ٿي سگهي ٿي. هاڻ تازو ئي مشهور ڪورين ٽيڪنالاجي ڪمپني سام سنگ هڪ اهڙي پروڊڪٽ پيش ڪئي آهي جيڪا اوهان جا ڪپڙا سينيٽائزر ڪري ان کي جراثيم کان پاڪ ڪري ڇڏيندي.سام سنگ طرفان ايئرڊريسر پيش ڪيو ويو آهي. هي هڪ پورٽ ايپل وارڊروب جيان آهي ۽ هي اوهان جا ڪپڙا سينيٽائيزر ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن پروڊڪٽ ۾ جيٽ اسٽيم ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويو آهي. سام سنگ دعويٰ ڪئي آهي ته ان جي هي پروڊڪٽ اوهان جي ڪپڙن کي 99 اعشاريه 9 سيڪڙو تائين وائرس ۽ بيڪٽيريا کان پاڪ ڪري ڇڏيندي جڏهن ته هي صحت کي نقصان ڏيندڙ مادن جو به خاتمو ڪندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔