مستقبل ۾ ايندڙ وبائن کان بچڻ لاءِ اڳواٽ قدم کڻڻا پوندا: ڊبليو ايڇ او

جنيوا: صحت جي عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او) جي سربراهه جو چوڻ آهي ته اسان کي مستقبل ۾ ايندڙ وبائن کان بچڻ جي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو.ڊبليو ايڇ او جي سربراهه چيو آهي ته وقت اچي ويو آهي ته اسان ڪورونا وبا مان سبق سکون. اسان هڪ وبا تي ئي سمورو پئسو لڳائي ڇڏيندا آهيون. جڏهن اها ختم ٿي ويندي آهي ته اسان وساري ويهندا آهيون.هن جو چوڻ هو ته اسان کي مستقبل ۾ ايندڙ وبائن کان بچڻ جي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو. دنيا کي محفوظ مستقبل جي لاءِ صحت بابت سرمائيڪاري ڪرڻ گهرجي.اوچتو ايندڙ وبائن سبب سموري دنيا جي معيشت کي ڌڪ لڳي ٿو. ان ڪري اسان کي اڳواٽ ئي قدم کڻڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔