اسلام آباد: وفاقي وزير صحت مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته هر پاڪستاني جي هيپاٽائيٽس اسڪريننگ ٿيندي ۽ ٽيسٽ نه ڪرائيندڙ ملازمن جي پگهار روڪي ويندي.
پريس ڪانفرنس ڪندي هن ٻڌايو ته مون پنهنجو به هيپاٽائيٽس ٽيسٽ ڪرايو جيڪو منفي آيو، هن وفاقي صحت واري وزارت جي سمورن ملازمن جي لاءِ هيپاٽائيٽس سي ٽيسٽ لازمي قرار ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته جنهن ملازم جو ٽيسٽ نه ٿيندو انهي جي پگهار روڪي ويندي.
هن ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ اسڪريننگ جي لاءِ 17 پوائنٽس ٺاهيا ويا آهن، جڏهن ته پرائيويٽ اسپتالن ۾ جتي به اسڪريننگ ڪئي ويندي انهن کي ڪٽس ۽ گيجٽس ڏنا ويندا. مصطفيٰ ڪمال چيو ته سموري پاڪستان ۾ اسڪريننگ ڪئي ويندي. سمورين وزارتن کي خط اماڻيا پيا وڃن. وزيرن سميت سمورن ملازمن جي لاءِ ٽيسٽ لازمي قرار ڏني ويندي. وفاقي وزير صحت چيو ته هڪ ڪروڙ ماڻهو هيپاٽائيٽس سي جا مريض آهن اها خطرناڪ بيماري آهي جنهن جي دير سان خبر پوندي آهي ۽ بيماري ليور ڪينسر جي شڪل اختيار ڪري ويندي آهي.
هن ٻڌايو ته وزيراعظم پروگرام جي تحت 68 هزار جي دوا مفت فراهم ڪئي ويندي. گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد ۾ اسڪريننگ ڪئي ويندي اهڙي طرح ڊي پورٽ ٿي آيل ماڻهن جي اسڪريننگ به لازمي قرار ڏني وئي آهي.
مصطفيٰ ڪمال چيو ته 3 مهينن تائين سمورين فلائٽس کي به اسڪريننگ جي عمل مان گذرڻو پوندو، هر پاڪستاني کي اسڪريننگ ڪرائڻي پوندي. بيورو آف اسٽيٽسٽڪس گيجٽس فراهم ڪيا آهن. جڏهن ته آدمشماري وارو سافٽ ويئر به ورتو آهي جنهن کي نادرا جي رڪارڊ سان ڪنيڪٽ ڪيو ويو آهي. هر سڃاڻپ ڪارڊ سان گڏ اسڪريننگ لازمي قرار ڏني ويندي جڏهن ته پرڏيهي ملڪ وڃڻ کان اڳ به اسڪريننگ لازمي قرار ڏني ويندي.
هن چيو ته هيپاٽائيٽس سي رت جي ذريعي منتقل ٿي ويندو آهي هن وقت هڪ ڪروڙ 10 لک ماڻهو هيپاٽائيٽس سي پازيٽو آهن. عوام مفت سهولت مان فائدو کڻي. 12 سالن کان وڏي عمر جي ماڻهن جي اسڪريننگ لازمي آهي. جيڪڏهن اوهان اسڪريننگ نه ڪرائيندا ته اوهان گناهگار ٿيندا.
هن وڌيڪ چيو ته پنجاب مان اسان کي ڊيٽا نه پئي ڏني وڃي. پر اسان جو انهن سان رابطو جاري آهي. اهي به تمام جلد ڊيٽا شيئر ڪندا. وفاقي وزير صحت ٻڌايو ته هو پنجاب جي وزيراعليٰ سان گڏجاڻي ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهي.
تبصرے بند ہیں۔