سلينا جي گڏجاڻي، تنظيمي دائرو وسيع ڪرڻ تي اتفاق

هوسٽن: اڄ هوسٽن ۾ شاهه لطيف انسٽيٽيوٽ آف نارٿ آمريڪا (سلينا) جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ان کي وسيع ڪرڻ بابت اهم اجلاس ٿيو. اڳ ۾ هن تنظيم جو نالو شاهه لطيف ڪلچرل انسٽيٽيوٽ آف نارٿ آمريڪا يعني SLCITهو.
چيئرمين مسٽر محمود ڏاهري ۽ جنرل سيڪريٽري مسٽر جي. شبير جتوئي جي سربراهي ۾ ٿيل اجلاس ۾ تبظيم جو دائرو ٽيڪساس کان سڄي نارٿ آمريڪا تائين وسيع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
شاهه لطيف ڪلچرل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪساس گذريل 16 سالن کان سرگرم آهي.
اڄوڪي گڏجاڻي ۾ تنظيم جا نوان ۽ اڳوڻا ميمبر ۽ عهديدار شريڪ ٿيا. سنجيده ۽ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ کان پوءِ، موجود ميمبرن متفقه طور تي SLINA جا نوان ضابطا ۽ قانون (By-Laws) منظور ۽ اختيار ڪيا. نوان ضابطا گڏجاڻي ۾ موجود ميمبرن جي اتفاقِ راءِ سان طئي ڪري، انهن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون.
نئين منظور ڪيل ضابطن تحت فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ گڏجاڻي ۾ تنظيم لاءِ نوان بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۽ عهديدار چونڊيا ويندا.
اهو پڻ اعلان ڪيو ويو ته SLINA هڪ ميمبرشپ جي بنياد تي هلندڙ تنظيم طور ڪم ڪندي ۽ آمريڪا جي مختلف رياستن ۽ ڪينيڊا ۾ نيون شاخون قائم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي.
گڏجاڻي ۾مير طلعت ٽالپر، ظهير بلوچ، ڊاڪٽر عيسى ڀرڳڙي، سجاد حسين مهر، جان محمد نظاماڻي، سعيد احمد ميمڻ، آفتاب احمد ميمڻ، ڊاڪٽر شفقت ڏاهري شرڪت ڪئي.
گڏجاڻي شوگر لينڊ، ٽيڪساس جي هڪ مقامي ريسٽورينٽ ۾ منعقد ٿي.
گڏجاڻي جي پڄاڻي تي چيئرمين محمود ڏاهري پاران شرڪت ڪندڙن لاءِ رات جي ماني جو اهتمام ڪيو ويو.
SLINA جي قيادت سڀني ميمبرن ۽ شرڪت ڪندڙن جي مسلسل سهڪار ۽ وابستگي تي سندن ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اتر آمريڪا ۾ هڪ مضبوط تنظيمي نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رهنديون.

تبصرے بند ہیں۔