فضل الرحمان تي اصولي تنقيد ڪندڙن کي پارٽي مان ڪڍڻ آمراڻي سوچ آهي: شبلي فراز

اسلام آباد: وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان تي اصولي تنقيد ڪندڙن کي پارٽي مان ڪڍڻ آمراڻي سوچ آهي. سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي شبلي فراز چيو ته فيصلي ثابت ڪري ڇڏيو ته جي يو آءِ ۾ ڊڪٽيٽرشپ آهي. شبلي فراز چيو ته مولانا جي ويجهن ساٿين پاران ٿوري تنقيد تي مولانا فضل الرحمان ثابت ڪيو ته هو ڪيترو جمهوريت پسند آهي. هن چيو ته ٻين کي اسلامي تعليم جا حوالا ڏيندڙ ن کان پڇون ٿا ته ڇا اسلام ۾ سوال پڇڻ تي اهڙو سلوڪ ڪيو ويندو آهي؟ وفاقي وزير مولانا فضل الرحمان کي مخاطب ٿيندي پڇيو ته توهان جي پارٽي ۾ اظهار جي آزادي جو هي حال آهي؟،عهدا ڀائرن ۽ ويجهن ماڻهن ۾ ورهائي جماعت تي جمهوريت جو ليبل لڳائي عوام کي ڌوڪو ڏئي نٿو سگهجي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔