پي ڊي ايم جي صفن ۾ ڏڦيڙ پئدا ٿيڻ وارو آهي: فردوس عاشق اعواڻ

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير جي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پي ڊي ايم جي صفن ۾ ڏڦيڙ پئدا ٿيڻ وارو آهي،سموري قوم عقل کان وانجهيل ان ٽولي جي وچ ۾ جتين ۾ دال ورهائجندي ڏسندي. جاري ڪيل بيان ۾ خاص معاون چيو ته استعيفائن جو شوشو به انهن جي نرگهٽ ۾ هڏي بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته هاڻ مخالف نه استعيفائون ڳهي سگهن ٿا، نه ئي اوڳاڇي سگهن ٿا. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪرپشن جي بدنام زمانا ڪردارن کي مايوسي کانسواءِ ڪجهه به نه ملندو،ملڪ ۾ ڏڦيڙ ڦهلائيندڙن کي تذليل کانسواءِ ڪجهه به نه ملندو….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔