ڪورونا جي رپورٽنگ تي چيني صحافڻ کي 4 سال قيد جي سزا

بيجنگ: چين ۾ ڪورونا جي رپورٽنگ تي هڪ صحافڻ کي 4 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
ان صحافڻ ووهان جهڙي ڳچ آبادي واري شهر ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ جي حوالي سان رپورٽ ڪئي هئي.
سندس وڪيل موجب 37 ورهين جي زانگ زان خلاف اهو فيصلو شنگهائي ۾ هڪ مختصر ڪيس جي ڪارروائي کانپوءِ ٻڌايو ويو.
ان ڪيس ۾ عورت تي الزام هنيو ويو هو ته هن پنهنجي خبرن سان تڪرار کي هٿي ڏني ۽ بدامني پيدا ڪئي.
واضح رهي ته ان صحافڻ ڪورونا وائرس خلاف قدمن جي سلسلي ۾ اختيارين تي ردعمل تي تنقيد ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔