ڏکڻ وزيرستان: وانا بازار ۾ ڌماڪو، قبائلي سردار سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

ڊيره اسماعيل خان: ڏکڻ وزيرستان جي وانا بازار ۾ ٿيل خوفناڪ بم ڌماڪي ۾ قبائلي سردار سميت 3 ڄڻا مارجي ويا.

پوليس موجب ڏکڻ وزيرستان لوئر جي صدر واري علائقي وانا بازار ۾ بارودي مواد جو ڌماڪو ٿيو آهي. شروعاتي ڄاڻ موجب ڌماڪو خانزاده مارڪيٽ جي گيٽ ڀرسان پيش آيو.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ مارجي ويلن ۾ چيف آف احمدزئي وزير ملڪ طارق خان، ملڪ سرفراز خان ۽ بارگل خيل جان شامل آهن جڏهن ته 2 ڄڻا سخت زخمي به ٿيا آهن.

مقامي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ ملڪ طارق خان جي گاڏي کي نشانو بنايو ويو، پوليس موجب زخمين کي فوري طور تي هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي،  جڏهن ته علائقي کي گهيري ۾ آڻي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔