ايران تي نئين حملي جي تياري: ڪيترائي آمريڪي ڪارگو جهاز هٿيار کڻي اسرائيل پهچي ويا

واشنگٽن: اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ هڪ دفعو ٻيهر ڇڪتاڻ وڌڻ جا خدشا پيدا ٿي ويا آهن، جڏهن ته اسرائيلي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن جي دوران ڪيترائي آمريڪي ڪارگو جهاز بارودي مواد ۽ فوجي سازوسامان کڻي اسرائيل پهچي ويا آهن.

اسرائيلي ميڊيا جي رپورٽن موجب اهي آمريڪي جهاز مختلف فوجي اڏن تي لٿا جتي هٿيار، ميزائلن ۽ ٻين جنگي سامان جي ورهاست ڪئي وئي، رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اها اڳڀرائي ايران جي خلاف امڪاني نئين جنگي تيارين جو حصو ٿي سگهي ٿي.

ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ هفتن ۾ خطي جي صورتحال پهريان ئي انتهائي ڇڪتاڻ واري آهي، آمريڪا طرفان اسرائيل کي مسلسل فوجي سپورٽ فراهم ڪئي پي وڃيي انهي حوالي سان آمريڪي ڪارگو جهازن جي آمد کي اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.

هوڏانهن آمريڪا يا اسرائيلي اختيارين طرفان اهڙين رپورٽن تي باضابطه رد عمل سامهون ناهي آيو، پر تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب ڪنهن به وقت صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي، ٻئي طرف ايران اڳ ئي واضح ڪري چڪو آهي ته ڪنهن به امڪاني حملي يا دٻاءُ جو سخت جواب ڏنو ويندو. جڏهن ته خطي ۾ جنگبندي ۽ سفارتي ڪوششن جا مستقبل تي به سوال اٿڻ لڳا آهن.

تبصرے بند ہیں۔