اسلام آباد: وفاقي شرعي عدالت خودڪشي جي قانون بابت وڏو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب وفاقي شرعي عدالت خودڪشي جي ڪوشش بابت قانون تي وڏو فيصلو ٻڌائيندي 2022 جي ايڪٽ کي غير اسلامي قرار ڏئي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
وفاقي شرعي عدالت جي چيف جسٽس اقبال حميدالرحمان، جسٽس محمد انور اقبال ۽ جسٽس امير خان ڪيس جو اڳ کان محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌايو. حڪومتي قانونسازي کي وفاقي شرعي عدالت غير اسلامي قرار ڏئي ڪالعدم قرار ڏيندي 2022 جي ايڪٽ خلاف درخواستون منظور ڪري ورتيون. عدالت انهي حوالي سان داخل درخواستون منظور ڪندي قرار ڏنو ته خودڪشي جي ڪوشش کي ڏوهه قرار ڏيڻ بابت قانونسازي شرعي گهرجن موجب نه آهي.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته 2022 جي قانون سازي جي تحت ضابطه فوجداري سان جيڪو سيڪشن حدف ڪيو ويو هو انهي کي بحال ڪيو ويو آهي، انهي فيصلي کان پوءِ خودڪشي جي ڪوشش کي ڏوهه قرار ڏيڻ جي شق ٻيهر قانوني حيثيت اختيار ڪري وئي آهي.
فيڊرل شرعي عدالت محفوظ فيصلو ٻڌائيندي قرار ڏنو ته لاڳاپيل ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو. ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس اقبال حميدالرحمان، جسٽس محمد انور اقبال ۽ جسٽس امير خان تي ٻڌل بينچ ڪئي جڏهن ته درخواستن جي پيروي ايڊووڪيٽ حماد حسن ڊار ۽ ايڊووڪيٽ اعظم ملڪ ڪئي. ياد رهي ته 2022 جي قانونسازي ۾ خودڪشي جي ڪوشش کي ڏوهه قرار ڏيڻ جي شق کي ختم ڪيو ويو هو.
تبصرے بند ہیں۔