اسلام آباد: وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جون جي مهيني لاءِ پيٽروليم ذخيرا محفوظ ڪري ورتا آهن.
ذريعن موجب جون جي لاءِ 446 ميٽرڪ ٽن ٻارڻ جو تيل محفوظ ڪيو ويو آهي جڏهن ته 201 ميٽرڪ ٽن ڊيزل جي ذخيرن جو به بندوبست مڪمل ڪيو ويو آهي.
انهي سلسلي ۾ ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مقامي سطح تي 10 ميٽرڪ ٽن پيٽرول حاصل ڪرڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي جڏهن ته 18 ميٽرڪ ٽن جيٽ فيول به محفوظ ڪيو ويو آهي انهي کان علاوه 12 ڏينهن جي لاءِ جي پي 8 فيول جا اسٽريٽجڪ ذخيرا به محفوظ ڪيا ويا آهن.
ذريعن ٻڌايو ته هنگامي صورتحال ۾ پيٽروليم شين جي سپلائي برقرار رکڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم مڪمل ڪيا ويا آهن جون جي لاءِ 18 ميٽرڪ ٽن ايل پي جي جو بندوبست به ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب جنگبندي کان پوءِ توانائي سيڪيورٽي بابت ڊگهي مدي جو پلان به تيار ڪيو ويندو.
تبصرے بند ہیں۔