بٽ ڪوائن جي قيمت ۾ چاڙهه جا ريڪارڊ ٽٽي پيا

سڄي دنيا ۾ سڀ کان مشهور ڪرپٽو ڪرنسي بٽ ڪوائن جي قيمت پهريون ڀيرو 25 هزار ڊالرن کان ٽپي وئي آهي ۽ 28 هزار ڊالرز تائين پهچڻ جو ريڪارڊ به بڻائي ورتو.
ڪالهه بٽ ڪوائٽ جو قدر 28 هزار ڊالرن کان ٽپي ويو هو پر 28 ڊسمبر (اڄ) هو ڪجهه گهٽ ٿي 26 ۽ 27 هزار ڊالرن جي وچ ۾ آهي.
هن وقت انٽرنيٽ جي هن ڪرنسي جي هڪ يونٽ يا ائين چئجي ته هڪ رپئي جي قيمت 26 هزار 700 ڊالرن کان وڌيڪ (لڳ ڀڳ پاڪستاني 43 لک رپين) تائين پهچي چڪي آهي.
ان ڊيجيٽل ڪرنسي جي مارڪيٽ ويليو پهريون ڀيرو آچر تي 500 ارب ڊالرن تائين پهچي وئي هئي.
بٽ ڪوائن 12 ڏينهن اڳ ئي پهريون ڀيرو 20 هزار ڊالرن جي حد کي پار ڪيو هو ۽ ائين لڳي ٿو ته هن هفتي 30 هزار ڊالرن جو هدف به حاصل ڪري وٺندو.
هلندڙ سال دوران ان ۾ سيڙپڪارن جي دلچسپي وڌي آهي جيڪي ممڪن طور تي منافعي لاءِ ان کي خريدي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔