فضل الرحمان پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس پهرين جنوري تي گهرائي ورتو

لاهور: جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس پهرين جنوري تي گهرائي ورتو. ذريعن مطابق پي ڊي ايم جو اجلاس ٻنپهرن جو هڪ وڳي راءِ ونڊ ۾ مريم نواز جي گهر جاتي امرا تي ٿيندو. اجلاس ۾ ايندڙ حڪمت عملي، استعيفائن ۽ لانگ مارچ جي معاملي تي غور ڪيو ويندو. ذريعن مطابق پي ڊي ايم 31 جنوري تائين وزير اعظم کان استعيفا نه ڏيڻ تي لانگ مارچ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ذريعن ٻڌايو ته پي ڊي ايم جو هي اجلاس انتهائي اهميت لائق هوندو، جنهن ۾ عمران خان جي قسمت جو فيصلو ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔