وقت کان اڳ عام چونڊون ٿيون ته ان ۾ ڪو حرج ناهي: نثار کهڙو

سکر: پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته ان هائوس تبديلي سان لوٽا ڪريسي جو الزام لڳندو، وقت کان اڳ عام چونڊون ٿيون ته ان ۾ ڪو حرج ناهي. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙو چيو ته حڪومت مان عوام بيزار ٿي چڪي آهي، حڪومت جو چوڻ آهي ته تياري ناهي ڪئي، ان جو مطلب اهي ملڪ کي تباھ ڪرڻ گهرن ٿا. هن چيو ته اسان استعيفائون وٺي ڇڏيون آهن، هاڻ قيادت فيصلو ڪندي ته اهي استعيفائون پيش ڪڏهن ڪرڻيون آهن. نثار کهڙو موجب ايشين ڊولپمينٽ بينڪ سان گڏجي سنڌ ۾ 8 سئو ڪلوميٽر نوان روڊ ٺاهيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔