ڀارتي فوج والاريل ڪشمير جي هٿئين خالي شهرين ۾ خوف ڦهلائي پئي: شاهه محمود

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارتي قابض فوج ،لاڳاتار ظلم ۽ ڏاڍ سان والاريل ڪشمير جي هٿئين خالي معصوم شهرين ۾ خوف ڦهلائي پئي. جاري ڪيل بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته هٿئين خالي ڪشميري نوجوانن کي هٿ ٺوڪين مقابلن ۾ رياستي دهشتگردي جو نشانو بڻايو پيو وڃي. پرڏيهي وزير چيو ته دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ انهن مقتولن کي دهشتگرد بڻائي پيش ڪيو وڃي. هن چيو ته هاڻ دنيا ڀارتي ارادن کي سمجهي چڪي آهي ۽ والاريل ماٿري ۾ ڀارت جي جڪڙ آهستي آهستي ڪمزور ٿيندي پئي وڃي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔