عمران خان جا مخالف جي ايڇ ڪيو جي گيٽ نمبر فور جي پئدا وار آهن: شيخ رشيد

اسلام آباد: گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته عمران خان جا مخالف جي ايڇ ڪيو جي گيٽ نمبر فور جي پئدا وار آهن،مخالفن کي عمران خان کان وڌيڪ نيب سان مسئلو آهي،هو ڪيسز ختم ڪرائڻ گهرن ٿا. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته مخالف ڌر پاران سينيٽ ۾ حصو وٺڻ واري فيصلي جو آڌڀاءُ ڪريون ٿا، هو لانگ مارچ نه پر لونگ مارچ ڪرڻ گهرن ٿا. شيخ رشيد چيو ته آصف زرداري حڪومت خلاف جيل ڀريو تحريڪ جي ڳالهه ڪئي آهي، هو جيل کان بچڻ لاءِ گهڻو عرصو اسپتالن ۾ رهيو آهي. گهرو وزير چيو ته سڀ ڏسندا ته پي ڊي ايم وارا استعيفائون نه ڏيندا،وزير اعظم جو هڪڙو ئي موقف آهي ته ڳالهيون ٿين يا نه، مخالفن کي اين آر او نه ملندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔