خورشيد شاهه پاران پي ڊي ايم کي استعيفائن واري معاملي تي غور جو مشورو

سکر: پ پ جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه پي ڊي ايم اڳواڻن کي صلاح ڏني آهي ته حڪومت خلاف لانگ مارچ ضرور ڪيو وڃي پر استعيفائن واري فيصلي تي ٻيهر غور ڪيو وڃي. ذريعن موجب سکر ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻن امير حيدر هوتي، ميان افتخار ۽ شاهي سيد تي ٻڌل وفد اين آءِ سي وي ڊي پهچي سيد خورشيد شاهه سان ملاقات ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ اڳواڻ نيئر بخاري، قمر زمان ڪائره، فيصل ڪريم ڪنڊي، لطيف کوسا ۽ چوڌري منظور پڻ خورشيد شاهه سان ملاقات ڪري سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ذريعن موجب ملاقات دوران خورشيد شاهه سياسي دوستن کي صلاح ڏني ته هو حڪومت خلاف لانگ مارچ ڀلي ڪن پر اسيمبلين تان استعيفا ڏيڻ واري فيصلي تي ٻيهر غور ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔