بجلي مناسب قيمت تي واپرائيندڙن تائين پهچائڻ لاءِ رٿا منظور

اسلام آباد : ملڪ ۾ بجلي مناسب قيمت تي واپرائيندڙن تائين پهچائڻ لاءِ مربوط توانائي رٿا جي منظوري ڏني وئي آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل ڪابينا ڪميٽي براءِ توانائي جي اجلاس ۾ نيشنل اليڪٽرسٽي پلان 2023-2027ع ۾ ترميمن جي منظوري ڏني وئي.اجلاس دوران خيبرپختونخوا حڪومت ۽ نيپرا سان وڌيڪ مشاورت جي هدايت ڪئي وئي. اجلاس ۾ نيشنل اليڪٽرسٽي پلان ۽ پاور سيڪٽر جي مالياتي صورتحال جو پڻ تفصيلي جائزو ورتو ويو.

تبصرے بند ہیں۔