چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ اهم ڪيسز جي ٻڌڻي ڪندڙ لارجر بئنچ ۾ تبديلي

ڪراچي: سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ اهم ڪيسز جي ٻڌڻي ڪندڙ لارجر بئنچ ۾ تبديلي ڪندي جسٽس اعجاز الاحسن جي جاءِ تي جسٽس سجاد علي شاهه کي شامل ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ مختلف اهم ڪيسز جي ٻڌڻي ڪندڙ 3 رڪني لارجر بئنچ ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي. جسٽس اعجاز الاحسن جي طبيعت خراب هئڻ سبب سندس جاءِ تي جسٽس سجاد علي شاهه کي شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مختلف ڪيسز ڊي لسٽ ڪيا ويا. نئين بئنچ سڀاڻي ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ حددخليون ڪيس سميت مختلف ڪيسز جي ٻڌڻي ڪندي، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ريلوي واري سيڪريٽري پاران عدالتي نوٽيس تي جواب به جمع ڪرايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔