وڏي وزير مراد علي شاهه سان نئين ڪور ڪمانڊر ڪراچي جي ملاقات

ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه سان نئين ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم جي ملاقات ڪري امن امان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون. سي ايم هائوس مان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه سان نئين ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم ملاقات ڪئي. ترجمان موجب ملاقات دوران ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال سميت مختلف گڏيل دلچسپيءَ وارن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ترجمان موجب وڏي وزير مراد علي شاهه نئين ڪور ڪمانڊر ڪراچي کي شيلڊ ۽ روايتي تحفا پڻ پيش ڪيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔