وزيراعظم پاران گيس لوڊشيڊنگ وارين شڪايتن تي لاڳاپيل عملدارن کان بريفنگ طلب

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ گيس جي بدترين لوڊشيڊنگ جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل عملدارن کان بريفنگ طلب ڪري ورتي. ذريعن مطابق وزيراعظم عمران خان توانائي جي معاملن بابت اجلاس طلب ڪري ورتو. اجلاس ۾ وفاقي وزير، خاص معاون، صلاحڪار ۽ سيڪريٽريز شرڪت ڪندا،اجلاس ۾ گيس جي کوٽ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدمن بابت وزير اعظم کي آگاهه ڪيو ويندو. توانائي شعبي ۾ ڪيل سڌارن بابت وزيراعظم کي بريفنگ ڏني ويندي،صنعتن کي بجلي، گيس جي فراهمي بابت به اجلاس کي آگاهه ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ بجلي جي طلب ۽ رسد بابت جائزو ورتو ويندو….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔