مڪاني چونڊن کانپوءِ ۽ عام چونڊن کان اڳ ٻيهر آدمشماري ڪرائي وڃي: فردوس شميم نقوي

ڪراچي: پي ٽي آءِ سنڌ جي اڳواڻن چيو آهي ته 2017ع جي آدمشماري جا 5 سيڪڙو انگ اکر کولڻ ممڪن ناهي، موجوده انگ اکرن کي تسليم ڪيو وڃي، مڪاني چونڊن کانپوءِ ۽ عام چونڊن کان اڳ ٻيهر آدمشماري ڪرائي وڃي. ڪراچي ۾ خرم شير زمان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس شميم نقوي چيو ته ڪراچي ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو به آهن، جن جي ڪابه سڃاڻپ ناهي هوندي، بنگالين، برمين، افغانين، بهارين ۽ ايرانين کي آدمشماري ۾ ناهي ڳڻيو ويندو. هن چيو ته جن شهرن ۾ عارضي رهائش هوندي آهي، انهن ۾ آدمشماري مشڪل هوندي آهي، اسان جا مخالف ۽ اتحادي اهي ڳالهيون ڪري رهيا آهن، جن جو حقيقت سان ڪوبه تعلق نه آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو ته اسان کي 31 ڊسمبر جو انتظار آهي، پي ڊي ايم وارن کي استعيفائن بعد هار پارائينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔