واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انڪشاف ڪيو آهي ته عرب ملڪن جي سربراهن جي درخواست تي ايران تي اڄ ٿيندڙ فوجي حملو ملتوي ڪري ڇڏيو.
عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب صدر ٽرمپ ٻڌايو ته اهو حملو اڄ ڪرڻو هو جنهن جي لاءِ سموريون فوجي تياريون مڪمل هيون. آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته قطر جي امير تميم بن حمد، سعودي ولد عهد محمد بن سلمان ۽ اماراتي صدر محمد بن زائد النهيان يقين ڏياريو آهي ته ايران سان سنجيده ڳالهيون جاري آهن.
صدر ٽرمپ موجب هي هڪ اهڙو ممڪن معاهدو آهي جيڪو آمريڪا، وچ اوڀر ۽ ٻين لاڳاپيل ملڪن جي لاءِ قبول ڪرڻ جوڳو هوندو جنهن جي سڀني کان اهم شرط اها هوندي ته ايران وٽ ايٽمي هٿيار نه هوندا. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪي دفاع واري وزير پيٽ بيگسٿ ۽ ٻين عسڪري اختيارين کي ايران تي في الحال حملو روڪڻ جي هدايت ڏني آهي پر ٽرمپ آگاهي به ڏني ته قبول جوڳو معاهدو نه ٿي سگهيو ته آمريڪي فوج ڪنهن به لمحي ايران تي حملو ڪري ڇڏيندي.
ياد رهي ته آمريڪي ۽ مغربي ميڊيا جي رپورٽن موجب آمريڪي فوج ايران جي خلاف محدود ۽ وڏي پيماني تي ٻڌل فوجي ڪارروائين جا مختلف آپشن تيار ڪري رکيا هئا. ڪجهه رپورٽن ۾ اهو به چيو ويو ته آمريڪي بحريه ۽ فضائيه کي عرب ملڪن ۾ هاءِ الرٽ رکيو ويو هو. جڏهن ته اسرائيل به امڪاني گڏيل ڪارروائي تي غور ڪري رهيو هو.
تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته قطر، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات ڪنهن وڏي جنگي تڪرار کان بچڻ چاهين ٿا ڇو ته ايران سان سڌو سنئون جنگ سموري عرب خطي، عالمي تيل، واپار ۽ معيشت جي لاءِ تباهي آڻيندڙ ثابت ٿي سگهي ٿي.
تبصرے بند ہیں۔