پاڪستان جي ترقي کي پروپيگنڊا، ڪوڙين خبرن، ٻاهرين حمايت يافته دهشتگردي سان روڪي نٿو سگهجي: فيلڊ مارشل
ڪوئٽه: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج عوام جي ڀرپور حمايت سان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان جي ترقي جو سفر پروپيگنڊا، ڪوڙين خبرن، يا ٻاهرين سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي ذريعي روڪي نٿو سگهجي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪوئٽه گيريزن جو دورو ڪيو، دوري جي دوران فيلڊ مارشل ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪالج ڪوئته ۾ تربيت يافته آفيسرن ۽ فيڪلٽي ميمبرن کي خطاب ڪيو.
بيان موجب فيلڊ مارشل ڪاليج ۾ تربيت جي اعليٰ معيار، فڪري صلاحيت ۽ پيشوارانه مهارت جي تعريف ڪندي چيو ته اداري جا فارغ ٿيل آفيسر پنهنجي بهترين ڪارڪردگي ۽ پيشه وارانه لڳن سبب نمايان مقام رکن ٿا. فيلڊ مارشل جديد جنگ جي تيزي سان تبديل ٿيندڙ انداز تي روشني وڌي ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالوجيز، ملٽي ڊومين آپريشنز، ٽنهي هٿياربند فوجن جي گڏيل تعاون ۽ مستقبل جي جنگي چيلنجز سان هم آهنگ رهڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
هن چيو ته آفيسر پاڻ کي ۽ پنهنجي فورسز کي مسلسل تربيت ڏين ته جيئن تبديل ٿيندڙ جنگي حالتن جو بهتر طريقي سان مقابلو ڪري سگهجي. فيلڊ مارشل بلوچستان ۾ مقرر فارميشنز جي آفيسرن ۽ جوانن سان به ملاقات ڪئي. فيلڊ مارشل چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج عوام جي ڀرپور حمايت سان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان جي ترقي جو سفر پروپيگنڊا، ڪوڙين خبرن يا ٻاهرين سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي ذريعي روڪي نٿو سگهجي. پراڪسيز ۽ منفي پروپيگنڊا جي ذريعي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جون ڪوششون رياست جي مضبوط ۽ عوام جي اتحاد سبب ناڪام ٿينديون.
عاصم منير بلوچستان ۾ پائيدار امن، استحڪام جي اهميت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ڊگهي مدي جي ترقي لاءِ عوامي فلاح تي ٻڌل حڪمت عملي، گڏيل ترقي ۽ بهتر طريقي جي حڪمراني تمام گهڻو ضروري آهي. فيلڊ مارشل بلوچستان جي حڪومت طرفان عوامي بهبود، سماجي، معاشي ترقي ۽ رياست، عوام جي وچ ۾ تعلق مضبوط بنائڻ جي قدمن جي به تعريف ڪئي ۽ بلوچستان ۾ امن، استحڪام ۽ رياستي رٽ برقرار رکڻ جي لاءِ آفيسرن ۽ جوانن جي بلند حوصلي، آپريشنل تياري ۽ پيشه ورانه ارادي جي تعريف ڪئي. ڪوئٽه پهچڻ تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو استقبال ڪور ڪمانڊر ڪوئٽه ڪيو.
تبصرے بند ہیں۔