ڪراچي: سپر هاءِ وي تي تيز رفتار ٽرالر چيڪنگ تي مقرر پوليس موبائل کي چيڀاٽي ڇڏيو، 2 اهلڪار فوت

ڪراچي:  سپر هاءِ وي چڪوال پمپ جي ڀرسان تيز رفتار ٽرالر چيڪنگ تي مقرر پوليس موبائل کي چيڀاٽي ڇڏيو، حادثي جي نتيجي ۾ سب انسپيڪٽر ۽ ڪانسٽيبل فوت ٿي ويا، حادثي جي ذميوار ٽرالر جي ڊرائيور کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.

تفصيل موجب گڏاپ سٽي جي علائقي سپر هاءِ وي چڪوال پيٽرول پمپ جي ڀرسان تيز رفتار ٽرالر پوليس موبائل تي چڙهي ويو جنهن جي نتيجي ۾ اي ايس آءِ ۽ هڪ ڪانسٽيبل فوت ٿي ويا. خوشقسمتي سان هڪ اهلڪار محفوظ رهيو، حادثي جي اطلاع ملڻ تي ريسڪيو 1122 جي ٽيم ۽ ايدهي جا رضاڪار ايمبولينسن سان گڏ واقعي واري هنڌ پهتا.

پوليس موجب سومر جي صبح 5 لڳي 40 منٽن تي هڪ سرڪاري پوليس موبائل نمبر ايس پي سي 536 چڪوال پمپ مين سپر هاءِ وي(حيدرآباد کان ڪراچي روڊ) جي سامهون مقرر هئي.

پوليس موبائل آفيسر سب انسپيڪٽر صاحب خان ۽ پوليس اهلڪار ڪانسٽيبل پروش ۽ ڊي پي سي واجد مذڪوره موبائل ۾ پنهنجا فرض سر انجام ڏئي رهيا هئا. ڊيوٽي جي دوران هڪ ٽرالر نمبر ٽي ايم جي 2944(22 ويلر) سرڪاري پوليس موبائيل کي چيڀاٽي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ سب انسپيڪٽر صاحب ٿڏي تي فوت جڏهن ته ڪانسٽيبل واجد سخت زخمي حالت ۾ تباهه ٿيل پوليس موبائل جي اندر ٽرالر جي هيٺيان ڦاسي ويو، حادثي دوران ڪانسٽيبل پروش محفوظ رهيو.

موٽر وي پوليس حادثي واري هنڌ تي پهچي فوري طور تي لفٽر ۽ ڪرين کي طلب ڪري ورتو، هڪ ڪلاڪ کان پوءِ ڪرين موقعي تي پهتي، ريسڪيو 1122 ۽ ايدهي جي رضاڪارن ٽرالر جي هيٺيان ڦاٿل پوليس موبائل کي ڪرين ۽ لفٽر جي ذريعي ڪڍي ورتو.

پوليس موبائل جا حصا ڪٽي ڪانسٽيبل کي ٻاهر ڪڍيو پر انهي دوران ڪانسٽيبل واجد به فوت ٿي ويو هو. فوت ٿي ويل سب انسپيڪٽر جي لاش ايدهي ايمبولينس جي ذريعي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪئي وئي. جڏهن ته ڪانسٽيبل جي لاش گڏاپ سٽي ٿاڻي جي ڀرسان واقع نجي اسپتال منتقل ڪئي وئي، فوت ٿي ويل گڏاپ سٽي ٿاڻي ۾ مقرر هئا.

پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي جي ذميوار ٽرالر جي ڊرائيور جوابدار شهاب الدين ولد ياسين خان کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ٽرالر جي ڊرائيور پنهنجي شروعاتي بيان ۾ پوليس کي ٻڌايو ته ڊرائيونگ دوران انهي جي اک لڳي وئي هئي جنهن سبب حادثو پيش آيو.

 

تبصرے بند ہیں۔