ڪرسٽيانو رونالڊو صديءَ جو بهترين فٽبالر قرار

دبئي : پرتگال سان واسطو رکندڙ جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽانو رونالڊو پليئر آف دي سينچري جو ايوارڊ کٽي ورتو.
دبئي ۾ گلوب سوڪر ايوارڊز جي تقريب ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو ارجنٽينا جي ليونل ميسي، مصر جي محمد صلاح، برازيل جي نيمار ۽ ٻين کي پوئتي ڇڏيندي اهو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو.
تقريب ۾ پولينڊ سان واسطو رکندڙ بائرن ميونخ جي اسٽرائيڪر رابرٽ ليوانڊوسڪي کي پليئر آف دي ايئر، جڏهن ته ڪرسٽيانو رونالڊو جي اڳوڻي ڪلب ريال ميڊرڊ کي صديءَ جو بهترين ڪلب قرار ڏنو ويو.
ايوارڊ کٽڻ کانپوءِ ڪرسٽيانو رونالڊو جو چوڻ هو ته مون کي فخر آهي، ڊگهي عرصي تائين ٽاپر رهڻ سولو ناهي هوندو، اها ڪاميابي ٽيم، ڪوچ ۽ ڪلب جي سهڪار بنا ممڪن نه هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔