جنڪ فوڊ نوجوانن جي ننڊ غائب ڪرڻ جو سبب رهيو آهي

واشنگٽن: ڪثرت سان جنڪ فوڊ کائڻ جي ڪري نوجوانن جي ننڊ تمام گهڻو متاثر ٿي رهي آهي.
طبي خبرن جي ويب سائيٽ موجب يونيورسٽي آف ڪوئينزلينڊ ۾ ڪيل تحقيق دوران اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته جنڪ فوڊ جي ڪثرت بالغ ماڻهن ۾ ننڊ جي حوالي سان موجود ڪيترين ئي شڪايتن ۾ شامل آهي.
ڪوئينزلينڊ يونيورسٽي جي ايسوسيئيٽ پروفيسر اسد خان جو چوڻ آهي ته غيرصحتمند خوراڪي عادتن ۽ ذهني ڇڪتاڻ سبب ننڊ ۾ خلل وچ ۾ لاڳاپو معلوم ڪرڻ لاءِ عالمي سطح تي ٿيندڙ پهرين تحقيق آهي جنهن ۾ 64 ملڪن جي هاءِ اسڪول جا شاگرد شامل ٿيا.
تحقيق ۾ ڏٺو ويو ته جيڪي نوجوان سافٽ ڊرنڪس جو استعمال تمام گهڻو ڪن ٿا، ان ۾ اوڄاڳي جي شرح به وڌيڪ هوندي آهي، روزانو ٽي سافت ڊرنڪس پيئڻ وارن نوجوانن ۾ ننڊ ۾ بي سڪوني جون 55 سيڪڙو کان وڌيڪ شڪايتون ڏٺيون ويون.
اهڙيءَ طرح اهڙا مرد جيڪي هفتي ۾ چئن کان وڌيڪ فاسٽ فوڊ کائن ٿا انهن ۾ ننڊ دوران بي سڪوني ۽ خلل جي شڪايت هئڻ جي شرح هفتي ۾ هڪ ڏينهن فاسٽ فوڊ کائڻ وارن جي ڀيٽ ۾ 55 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔