مرحوم بالي ووڊ اداڪار عرفان خان جي آخري فلم ڪڏهن ريليز ٿيندي؟ تاريخ جو اعلان

نئين دهلي: بالي ووڊ اداڪار عرفان خان جي آخري فلم” دي سونگ آف اسڪورپينز“ جي نمائش جو اعلان ڪيو ويو.
عرفان خان جو شمار بالي ووڊ جي انهن ڪجهه اداڪارن ۾ ٿيندو هو جن پنهنجي جاندار ادا ڪاري جي ڪري فلم نگري ۾ مقام ٺاهيو.
عرفان خان هلندڙ سال 29 اپريل تي لاڏاڻو ڪري ويو هو پر اڄ به هو پنهنجي اداڪاري سبب فلم ٺاهيندڙن ۽ مداحن جي دلين ۾ جيئرو آهي.
مرحوم اداڪار جي آخري فلم ”دو سونگ آف اسڪورپينز“ ايندڙ سال ريليز ڪئي ويندي ۽ ان ۾ هن مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔